سومرو فضل رحيم ڊاڪٽر

سومرو فضل رحيم ڊاڪٽر

فضل رحيم سومرو ڊاڪٽر

فضل رحيم سومرو، ڊاڪٽر: عربي زبان جي عالم ۽ شاهه لطيف جي شاعريءَ کي عربيءَ ۾ منظوم ترجمو ڪندڙ ڊاڪٽر فضل رحيم سومري، حيدرآباد ۾، حڪيم محمد امين سومري جي گهر ۾، 1335هه بمطابق 1917ع ۾ جنم ورتو هو. فضل رحيم مئٽرڪ جو امتحان جامعه عريبه حيدرآباد مان پاس ڪيو. کيس ننڍي هوندي کان ئي عربي زبان سان والهانه عشق هوندو هو. اهو ئي سبب آهي، جو شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن دائودپوٽو مرحوم به سندس وڏي همت افزائي ڪندو هو. هڪڙي ڀيري هن بسنت هال، حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي جي صدارت ۾ منعقد ٿيل ڪانفرنس ۾ عربي زبان ۾ تقرير ڪئي. فضل رحيم سومري، ايم. بي. بي. ايس جو امتحان پاس ڪري ڊاڪٽري پيشو اختيار ڪيو ۽ وقت جو وڏو ڊاڪٽر تسليم ڪيو ويو. علاج ۾ کيس وڏي هٿ شفا هوندي هئي. هن گهڻو عرصو سعودي عرب ۾ گذاريو. ان دوران هن عربي زبان تي عبور حاصل ڪري ورتو. نتيجي طور هن سنڌ جي سدا حيات شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ’شاهه جي رسالي‘ جو عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو. هن ترجمي جو ڪم 1980ع کان شروع ڪيو ۽ چئن سالن اندر مڪمل ڪري ورتو. 8 اپريل 1984ع تي سندس مڪمل شاهه جي رسالي (30 سرن سميت) جي ترجمي جو مهورت، ان وقت جي پاڪستان جي وزير دفاع،خان ٽالپر'> مير علي احمد خان ٽالپر، توحيد پبليڪيشن جي اهتمام هيٺ، حيدرآباد ۾ ڪيو هو. مهورت جي موقعي تي ڊاڪٽر فضل رحيم سومرو خود به موجود هو ۽ سندس وڏي پذيرائي ڪئي وئي هئي. فضل الرحيم سومري، ان ئي زماني ۾ شاهه لطيف جي سوانح عبيءَ ۾ ترجمو ڪري، 35 صفحن تي مشتمل هڪ ڪتابڙو ڌار به شايع ڪيو هو، جنهن ۾ هن شاهه لطيف جي حياتي، دور ۽ سندن وڏن جي سنڌ ۾ آمد، کانسواءِ ڪجهه مورخن ۽ ماخذن جا نالا به ڏنا هئا. هي شاهه جو رسالو ڪل يارهن جلدن (سوانح سميت 12 جلدن) ۾ ڇپائي، جلد بند ڪري پيش ڪيو ويو هو. هن عالم شخص 69 ورهين جي ڄمار ۾ 17 مارچ 1986ع تي سعودي عرب ۾ انتقال ڪيو. وفات کان اڳ هن رسالي جا ٽيهه ئي سُر ترجمو ڪري پورا ڪيا هئا. سندس جنازو سعودي عرب کان حيدرآباد آندو ويو ۽ سندس تدفين ڪينٽومينٽ واري قبرستان حيدرآباد ۾ پنهنجي والد جي پيرانديءَ ڪئي وئي. فضل رحيم سومري، شاهه جا مختلف سُر ڌار ڌار ڪتابڙن جي صورت ۾ ڇپايا ۽ بعد ۾ سندس شاهه جو رسالو (عربي ترجمو) مڪمل صورت ۾ به ڇپيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1986.03.17  عيسوي

ڊاڪٽر فضل رحيم سومري، حيدرآباد ۾، حڪيم محمد امين سومري جي گهر ۾، 1335هه بمطابق 1917ع ۾ جنم ورتو هو.هن عالم شخص 69 ورهين جي ڄمار ۾ 17 مارچ 1986ع تي سعودي عرب ۾ انتقال ڪيو.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شريف المجاهد پروفيسر
حماد الله هاليجوي
حسين بن دلدار علي علامه
ابوالحسن صغي
عبدالله لغاري مولانا
علي شيرازي
آخوند محمد صالح ڀٽي سيتائي
شاهه ولي الله دهلوي
رفيع الدين مولانا
آخوند عبدالرحيم وفا عباسي
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون